گڏيل قومون -07 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته هو پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران عالمي برادري کي پاڪستان لاءِ وڏي پئماني تي امداد جي اپيل ڪندو. چين جي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر نيويارڪ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جو ٽيون ??صو ٻوڏ سبب متاثر ٿيو آهي ۽ هو پاڪستاني عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ عالمي برادري کان وڏي پئماني تي مدد جي اپيل لاءِ پاڪستان وڃي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هن وقت پاڪستان ??ي عالمي برادري طرفان ڀرپور امداد جي ضرورت آهي. هن چيو ته هوءَ عالمي برادري کي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ فوري امداد جي اپيل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هن وقت يوڪرين جنگ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ماڻهن کي اها اصل جنگ وسري وئي آهي ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ئي اصل جنگ آهي. هن چيو ته پاڪستان چاڊ، آفريقه جيڪي سوڪهڙي جو سبب بڻجي رهيا آهن اتي هن وقت سڀ کان ??ڏو خطرو جنهن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي اهي موسمياتي تبديلين جا اثر آهن. هن چيو ته جيڪا صورتحال اڄ پاڪستان کي درپيش آهي سڀاڻي ڪنهن ٻئي ملڪ سان به پيش اچي سگهي ٿي. هن چيو ته موسمياتي تبديليون هن دور جو سڀ کان ??ڏو اهم مسئلو آهن ۽ان ??ي عام مسئلو سمجهي، عام انداز سان حل ڪرڻ جي سوچ خودڪشي هوندي.
متعلقہ مضامین
-
RAW network ‘busted’ in Karachi as CTD arrests six suspects
-
Flood rescue crash claims five lives in KP
-
Smog City: Lahore descends into toxic darkness
-
Four of a family stabbed to death in Kotri
-
فنڈنگ ایموجی تفریحی سرکاری ویب سائٹ
-
Extremely Hot 5 Supreme سرکاری تفریح ویب سائٹ
-
National Assembly adopts resolution on minority holidays
-
Peshawars rat nightmare shows no sign of ending: WP
-
Kashmiris being bludgeoned and brutalised by India
-
Primary school in Sindh under shades of trees
-
ڈریگن ہیچنگ 2 - آپ کا تفریحی دنیا کا پورٹل
-
یبینگ الیکٹرانک انٹرٹینمنٹ کا سرکاری افتتاح