اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي( اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ جلاءُ، گهيراءُ ۽ ٽوڙ ڦوڙ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته باهه لڳائيندڙ ملڪ جا محسن نه ٿا ٿي سگهن، سرڪاري ملڪيتن تي حملو ڪندڙ ملڪ جا دوست نه ٿا ٿي سگهن، فارن فنڊيڊ فتني جي ذهنيت ملڪ کي ورڇ ڪري ڇڏيو آهي، فارن فنڊيڊ فتني جي انتشار، شدت پسندي ۽ ورڇ تي ٻڌل سياست ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچائي رهي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن سوال ڪيو ته اڃا تائين پنجاب حڪومت لانگ مارچ واقعي جي ايف آءِ آر ڇو ناهي داخل ڪئي؟ هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو سرڪاري اسپتال مان رپورٽ نه لکرائي رهيو آهي جيڪو قانون آهي. هو پنهنجي ميڊيڪو ليگل جي قانوني ضابطن کي پورو نه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو چونڊون نه گهرو ويڙهه چاهي ٿو جنهن جو مظاهرو هر ڏينهن چاهي ٿو. هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو پاڪستان جو نالو فيٽف مان نڪرڻ جي خلاف جنگ ڪري رهيو آهي، فارن فنڊيڊ فتني جي جنگ پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي خلاف آهي. هن چيو ته الحمدالله ملڪ ۾ امن امان آهي، عوام انتشار ۽ فساد جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
متعلقہ مضامین
-
کلاسیکی سلاٹ مشین آن لائن: پرانی رومانویت اور جدید سہولت کا امتزاج
-
کلاسیکی سلاٹ مشین آن لائن: تفریح اور مواقع کا بہترین ذریعہ
-
ملٹی لائن سلاٹ گیمز: نئی تفریح کا دور
-
ملٹی لائن سلاٹ گیمز: ایک جدید اور دلچسپ کھیل کا تجربہ
-
ورچوئل سلاٹ مشینیں: جدید دور کا تفریحی ذریعہ
-
ورچوئل سلاٹ مشینیں: ڈیجیٹل دور میں کھیل کا نیا انداز
-
ورچوئل سلاٹ مشینیں: ڈیجیٹل دور میں کھیل کی نئی شکل
-
فروٹ سلاٹ مشینوں کی اہمیت اور جدید ٹیکنالوجی
-
فروٹ سلاٹ مشینوں کی اہمیت اور جدید ٹیکنالوجی
-
ویڈیو سلاٹ مشینوں کی جدید ٹیکنالوجی اور معاشرے پر اثرات
-
پاکستان میں 5 اہم ریلوے سلاٹس اور ان کی اہمیت
-
5 ریل سلاٹس جدید ریلوے نظام کی اہم کڑیاں