برسلز -05 آگسٽ (اي پي پي) بيلجيئم جي گادي واري شهر برسلز ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ يوم استحصال ڪشمير ملهايو ويو. تقريب ۾ يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لگزمبرگ لاءِ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ ۽ ڪشمير ڪائونسل يورپي يونين جي چيئرمين علي رضا سيد خطاب ڪيو جڏهن ته صدر مملڪت، وزيراعظم ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مشاهد حسين سيد جا پيغام ٻڌايا ويا. يورپي يونين ، بيلجيئم ۽ لگزمبرگ ۾ پاڪستان جي سفير آمنه بلوچ يوم استحصال ڪشمير جي اهميت تي زور ڀريندي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي اخلاقي ۽ قانوني ذميوارين کي پورو ڪري. پاڪستاني سفير ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي منصفاڻي جدوجهد لاءِ پاڪستان جي ثابت قدم سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي صدر پاڪستان آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا، جن ۾ ڪشميري عوام جي خود اراديت واري حق جي اڻ ٽٽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳوڻي وفاقي وزير مشاهد حسين سيد جو رڪارڊ ڪيل پيغام به ٻڌايو ويو جنهن ۾ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ عالمي برادري جي ذميوارين کي اجاگر ڪيو ويو.
متعلقہ مضامین
-
کلاسیکی سلاٹ مشین آن لائن: پرانی رومانویت اور جدید سہولت کا امتزاج
-
کلاسیکی سلاٹ مشین آن لائن: تفریح اور مواقع کا بہترین ذریعہ
-
ملٹی لائن سلاٹ گیمز: نئی تفریح کا دور
-
ملٹی لائن سلاٹ گیمز: ایک جدید اور دلچسپ کھیل کا تجربہ
-
ورچوئل سلاٹ مشینیں: جدید دور کا تفریحی ذریعہ
-
ورچوئل سلاٹ مشینیں: ڈیجیٹل دور میں کھیل کا نیا انداز
-
ورچوئل سلاٹ مشینیں: ڈیجیٹل دور میں کھیل کی نئی شکل
-
فروٹ سلاٹ مشینوں کی اہمیت اور جدید ٹیکنالوجی
-
فروٹ سلاٹ مشینوں کی اہمیت اور جدید ٹیکنالوجی
-
ویڈیو سلاٹ مشینوں کی جدید ٹیکنالوجی اور معاشرے پر اثرات
-
پاکستان میں 5 اہم ریلوے سلاٹس اور ان کی اہمیت
-
5 ریل سلاٹس جدید ریلوے نظام کی اہم کڑیاں