اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ميڊيا جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، اڳوڻو دور ميڊيا جي لاءِ ڪارو ترين دور هو، گذري?? دور ۾ ميڊي اتي پابنديون هنيون ويون، صحافين جا قلم ٽوڙيا ويا، انهن جا هلندي پروگرام بند ڪيا ويا، مري جي سياسي ۽ صحافتي اهميت ۽ صحافين جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت مري جي صحافين کي سهولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اها ڳالهه هن ملاقات لاءِ آيل مري پريس ڪ??ب جي صدر سڌير احمد عباسي جي قيادت ۾ مري پريس ڪ??ب جي وفد سان ڳالهائ??ند?? چئي. ملاقات ۾ مري جي سياحتي اهميت، مري پريس ڪ??ب ۽ صحافين کي درپيش مسئلن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته مري ملڪ جو ناليوا??و سياحتي هل اسٽيشن آهي جتي سڄي ملڪ مان پو??و سال لکين سياح سير جي لاءِ اچن ٿا، مقامي صحافي پنهنجي قلم ۽ ڪئميرا جي ذريعي پاڪستان خاص طور تي سڄي دنيا ۾ مري جي سياحتي اهميت کي اجاگر ڪن ٿا. هن چيو ته مري پريس ڪ??ب جي ايڪريڊيٽيشن تي فوري ڪم شروع ڪيو و??ند??. هن چيو ته مري جي سياسي ۽ صحافتي اهميت ۽ صحافين جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت مري جي صحافين کي سهولتن جي فراهمي لاءِ خصوصي قدم کڻندي. ان موقعي تي ڳالهائ??ند?? مري پريس ڪ??ب جي وفد چيو ته مري ۾ ٽي هزار جي لڳ ڀڳ واپاري آهن جن کي سدائين مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ئي ڪاروباري موقعا ۽ سازگار ماحول فراهمڪيو آهي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جڏهن به اقتدار ۾ آئي، هن مريءَ ۾سياحت جي فروغ لاءِ عملي قدم کنيا. مري پريس ڪ??ب جي وفد اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جا مري پريس ڪ??ب جا مسئلا ٻڌڻ ۽ انهن جي حل جي خاطري تي ٿورا مڃيا.
متعلقہ مضامین
-
CJP questions LHC’s decision to reject Imran’s bail petitions
-
JI to observe black day on Feb 8
-
‘Matter of pride’ as Pakistan hosts first major cricket cup in 29 years
-
One-year performance: MoIB releases overview of departments’ activities
-
Pak-China Friendship hospital opens dermatology department
-
آن لائن سٹی آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے: شہری سہولیات تک آسان رسائی
-
افسانوی بندر بادشاہ کی سرکاری تفریحی ویب سائٹ
-
Alchemy Entertainment کا سرکاری داخلہ
-
6 cops among 10 injured in Quetta blast
-
No presence of IS in Pakistan: Nawaz
-
Fazl using Islam for personal gains
-
Rangers annual performance report reveals decrease in crime